دريا خان دولهه

دريا خان دولهه (شاعر): خان دولهه'>دريا خان دولهه ڪافيءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. خان دولهه'>دريا خان دولهه هنڱورجن جي مخدومن جي خاندان مان هو، جيڪي قريشي آهن. سندس پيءُ جو نالو محمد الياس هو. هي تعليم مان فارغ ٿي شڪارپور ۾ اچي انگريزن جي فوج ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. اوچتو فقيري رنگ چڙهڻ ڪري، نوڪري ڇڏي ڪو وقت قلندر جي درگاهه تي گذاري، وري سفر تي نڪري پيو. نوشهري جي صوفي بزرگ مخدوم عبدالحئي نقشبنديءَ وٽ وڃي سندس مريد ٿيو. ان کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان گھمندو رهيو. نيٺ اچي لاڙڪاڻي ويجھو لالو رائنڪ ۾ پنهنجو آستانو قائم ڪيائين. عمر جي آخري حصي ۾ روهڙيءَ وڃي محمد محسن ’بيڪس‘ جي مريديءَ ۾ شامل ٿيو. خان دولهه'>دريا خان دولهه 5 ذوالقعد 1309هه/ 1891ع ۾ وفات ڪئي. هن سڄي زندگي فقيري حال ۽ سير سفر ڪندي گذاري. سدائين ذڪر ۽ فڪر ۾ رهندو هو. سندس ڪلام فقير هدايت علي نجفي ’تارڪ‘ گڏ ڪيو، جيڪو بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل هو، پر اهو اڄڪلهه ناياب آهي. سندس موجود ڪافين ۾ حقيقت پسندي، تصوف جي رنگ سان گڏ حُسن ۽ عشق جو بيان آهي. ان کانسواءِ سندس ڪافين ۾ معاشي ۽ معاشرتي مسئلن جو به ذڪر ملي ٿو، جيڪو هن جي انفراديت ۽ سندس شاعريءَ جو اهميت ڀريو رخ آهي.


لفظ دريا خان دولههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو